| ڪراچي ۾ مال پڙين جي مخالفت: متحده جو ڊي سي کي خط |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) متحده ايم پي اي سيد اعجاز الحق اورنگي ٽائون جي راندين جي ميدانن ۾ عارضي مال پڙيون قائم ڪرڻ واري تجويز خلاف ڊپٽي ڪمشنر اولھ کي خط لکي ڇڏيو .خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪي ايم سي طرفان عارضي طور جرمن گرائونڊ ۽ ايشيا گرائونڊ کي مال پڙين لاءِ استعمال ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته اورنگي ٽائون اڳ ۾ ئي راندين جي ميدانن جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته راندين جي ميدانن کي مال پڙين ۾ تبديل ڪرڻ نوجوانن کي تفريحي ۽ صحتمند سرگرمين وارن هنڌن کان محروم ڪرڻ برابر آهي، جيڪو مستقبل ۾ سماجي ۽ اخلاقي مسئلن کي جنم ڏئي سگهي ٿو.هن فيصلي تي نظر ثاني جي اپيل ڪئي