| ڪراچي ۾ مبينامقابلا: ٻه ڄڻا مارجي ويا |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مبينه مقابلا، 2 جوابدار مارجي ويا، موچڪو واري علائقي ۾ ايس آئي يو پوليس ۽ جوابدارن ۾ مبينه مقابلو ٿيو. ايس ايس پي ايس آئي يو موجب پوليس ڀتي خورن جي موجودگي جي اطلاع تي ڇاپو هنيو ته انهن پوليس کي ڏسندي ئي فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ ھڪ جوابدار مارجي ويو، جوابدار جو تعلق جميل ڇانگا گينگ سان آھي، سندس قبضي مان پسٽول، گوليون، ۽ موٽرسائيڪل ھٿ ڪئي وئي آھي، جوابدار جي سڃاڻپ ذيشان جي نالي سان ٿي آھي، مارجي ويل جوابدار گذريل مھيني پنھنجي ساٿين سان گڏجي گارڊن ۾ زير تعمير عمارت تي ڀتي جي پرچي ڏيڻ ويو ھو ۽ ان دوران فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو ھو، جوابدار ڀتي خوري جي ڪيترن ئي ڪيسن ۾ ملوث ھو، ھوڏانھن بلال ڪالوني ۾ مبينه پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، ايس ايس پي سينٽرل موجب مقابلي دوران جوابدار جھانزيب عرف ماما مارجي ويو، سندس ساٿي فرار ٿي ويا آھن، جوابدار ڪجھ ڏينھن اڳ ڦر مزاحمت تي ھڪ نوجوان کي قتل ڪيو ھو.