| ڪراچي ۾ متحدا ۽ مشرف جو دور سٺو هو: صرحا اصغر |
ڪراچي (شوبز نيوز) شوبز انڊسٽري جي اڀرندڙ اداڪارا صرحا اضغر چيو آهي ته ڪراچي ۾ متحدا ۽ مشرف جو دور سٺو هو پر هاڻ ان جي ابتڙ ماحول ٿي ويو آهي. خوبصورت اداڪارا هڪ شو ۾ شرڪت دوران ڪراچي ماضي ۽ حال جي آئيني ۾ واري موضوع تي خوب ڳالهايو، صريحا اصغر چيو ته ايم ڪيو ايم جي دور ۾ ڪراچي شهر ۾ نظم ضبط هو صفائي سٿرائي به بهتر نموني ۾ هئي پر هاڻ ائين نظر نٿو اچي. هن چيو ته پرويز مشرف جو دور ان کان به وڌيڪ بهتر هو، ٽي وي چينل وڌي ويا هئا جنهن سبب شوبز انڊسٽري ۾ وڏو انقلاب آيو، اداڪارن کي بهترين موقعا مليا. هن چيو ته شهر ۾ هاڻ بدامني به آهي ته صفائي سٿرائي جو نظام به خراب آهي . نيپا چورنگي وٽ ٻار جي گٽر ۾ ڪري پوڻ واري واقعي وڌيڪ ڏکويو آهي.