| ڪراچي ۾ مسئلن باوجود ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن: شرجيل |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته منهنجي يا ڪنهن جي ذاتي خواهش تي فيصلا ناهن ٿيندا، اسان سڀني قانونن جي مڪمل پاسداري ڪئي آهي ۽ حڪومت طرفان نه ڪا ڪوتاهي ٿي آهي ۽ نه ئي ڪا بدنِيتي هئي۔ هن چيو ته شهر جا مسئلا الڳ نوعيت جا هوندا آهن، ٿرپارڪر ۾ گهٽ وقت ۾ سٺو روڊ ٺهي سگهي ٿو پر يونيورسٽي روڊ شهر جو مرڪز آهي جتي يوٽيلٽيز وڏو مسئلو رھيا. ان حوالي سان ڪالهه سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ريڊ لائين بي آر ٽي جو دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ۽ سوئي گيس سميت مختلف ادارن جا مسئلا سامهون هئا، جنهن کان پوءِ سنڌ سرڪار ٺيڪو ختم ڪرڻ جو سخت فيصلو ڪيو ۽ ايف ڊبليو او کي ٺيڪو ڏنو ويو۔ اسان جي ڪوشش آهي ته جولاءِ جي آخر تائين ڪنهن حد تائين ٽرئفڪ بحال ڪئي وڃي، عوام کي گذارش آهي ته اسان هن منصوبي کي بهتر نموني سان اڳتي وڌائي رهيا آهيون۔ هن چيو ته اهو تمام آسان هو ته روڊ تعمير ڪرڻ کان سواءِ رڳو آنديون وڃن پر خالي بسن سان ڪم نٿو هلي، روڊن جي تعمير به ضروري آهي، ڇو ته بي آر ٽي ايندڙ نسلن جو منصوبو آهي۔ هن چيو ته ييلو لائين بي آر ٽي تي به ڪم جاري آهي، هن چيو ته ڪراچي شهر ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن تي هڪ ئي وقت ڪم جاري آهي، اسان جو مقصد ڪراچي جي عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ آهي۔ هن چيو ته شاهراهه ڀٽو ڪراچي لاءِ هڪ اهم منصوبو آهي، اسان شاهد خاقان عباسي کي به ان جو دورو ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون ته جيئن هو پاڻ ترقياتي ڪم جو جائزو وٺي سگهي۔ ڪراچي ۾ آبادي وڌيڪ هجڻ سبب چئلينجز به وڌيڪ آهن، مسئلا پنهنجي جاءِ تي موجود آهن، پر ان جي باوجود شهر ۾ ترقياتي ڪم تيزي سان جاري آهن۔