ڪراچي ۾ مقابلا: ڀتاخور سميت 3 جوابدار مارڻ جي دعويٰ

ڪراچي ۾ مقابلا: ڀتاخور سميت 3 جوابدار مارڻ جي دعويٰ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مقابلا: ڀتاخور سميت 3 جوابدار مارڻ جي دعويٰ، پوليس موجب کارادر ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جوابدار شاهزيب مارجي ويو، سندس تعلق گينگ وار جي جميل ڇانگا گروپ سان آهي. مارجي ويل وٽان موبائل فون ۽ پستول هٿ آيو 7 ڏينهن اڳ جيلاني سينٽر جي واپاري کي ڪال آئي، مارجي ويل جوابدار واپاري کي پرچي ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو هو، مٿس 9 ڪيس داخل ٿيل آهن. ٻئي طرف اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ جي ماڙيپور ۾ پوليس مقابلي ۾ 2 جوابدار بلال ۽ نقاش مارجي ويا. جوابدار 10 سيپٽمبر تي ماڙيپور ۾ ڦر دوران مزاحمت تي شهري ولي خان کي قتل ڪيو هو.