| ڪراچي ۾ مقابلو: ڦورو مارجي ويو: سپاهي شهيد |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مقابلو، هڪ جوابدار مارجي ويو، سپاهي شهيد، پوليس موجب ميٽرول ۾ باواني ڪاليج ويجهو پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿيو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، مقابلي دوران هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو، هڪ شهري زخمي ٿيو. ايس ايس پي امجد شيخ موجب جوابدار شهري خالد کي ڦر دوران مزاحمت تي گولي هڻي زخمي ڪيو، پوليس پهچڻ تي مقابلو ٿي پيو، جوابدار جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار عبدالواجد پٽ زاهد زخمي ٿي پيو، جيڪو اسپتال منتقل ڪرڻ دوران شهيد ٿي ويو، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ جوابدار به مارجي ويو، مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي.