ڪراچي ۾ منشيات، پاڻي کوٽ ۽ ٻار اغوا جون دانهون: پ پ ۽ متحده آمهون سامهون 

  ڪراچي ۾ منشيات، پاڻي کوٽ ۽ ٻار اغوا جون دانهون: پ پ ۽ متحده آمهون سامهون 

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ميمبر آمهون سامهون، ڪراچي ۾ منشيات، پاڻي کوٽ، فائر برگيڊ جون گاڏيون گهٽ هجڻ ۽ ٻارن جي اغوا  جون شڪايتون، ٿرڪول اينڊ انرجي بورڊ بابت ترميمي بل گڏيل طور تي منظور، ڪالهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 25 منٽ دير سان شروع ٿيو، اجلاس دوران ايم پي اي قاسم سومرو چيو ته ڪراچي ۾ گهرج موجب پاڻي موجود ناهي، جتي پاڻي جي فراهمي ناهي، اتي غيرقانوني طور پاڻي وڪرو ڪيو ويندو آهي،اسان پاڻي وڪڻندڙن خلاف ڪارروايون ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيا آهن، هن چيو ته سمورن واٽر ٽينڪرن تي ڪيو آر ڪوڊ لڳل آهن، انهي سان خبر پوندي آهي ته گاڏي ڪٿان اچي پئي ۽ ڪيڏانهن وڃي پئي؟ پاڻي جي نظام کي جلد ڊجيٽلائز ڪيون پيا، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي قرت العين پڇاڻو ڪيو ته ڪراچي ۾ ننڍا ڊيم ٺاهيا وڃن ته جيئن ڪراچي جي ماڻهن جي ٽينڪر مافيا کان جان ڇٽي؟ جنهن تي ايم پي اي قاسم سومرو چيو ته ڪي فور جو منصوبو هلندڙ آهي، انهي رٿا سان پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو اپوزيشن اڳواڻ علي خورشيدي پڇاڻو ڪيو ته 18 سالن جي پ پ حڪومت ۾ ڪراچي ۾ خراب حالت آهي ته سنڌ جي ٻين شهرن دادو، سکر جو  ڪهڙو حال هوندو؟ ايم پي اي قرت العين ڪراچي ۾ منشيات جي آزار ، موالين جي موجودگي ۽ پوليس پاران پڪڙيل منشيات وڪڻڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪيو، جنهن تي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا چيو ته منشيات جو آزار اسان سميت هر والدين جو مسئلو آهي، والدين ۽ استادن جون ڪاميٽيون قائم ڪيون آهن، اسان جا ادارا به منشيات خلاف ڪاروايون ڪن پيا، اجلاس دوران صوبائي وزير ضياء الحسن لنجار ٿرڪول اينڊ انرجي بورڊ بابت ترميمي بل پيش ڪيو، جيڪو اتفاق راءِ سان منظور ٿي ويو، ايم پي اي سجاد سومرو لياري مان اغوا ٿيل ٻار جون تصويرون هٿ ۾ کڻي چيو ته هن ٻار کي لياري مان هني ٽريپ ڪري ڪچي ۾ گهرائي اغوا ڪيو ويو، هاڻي ڀنگ طلب ڪيو پيو وڃي، جنهن تي گهرو وزير جواب ڏيندي چيو ته ٻالڪ کي جلد بازياب ڪريو ويندو، اي وي سي سي جي ڪنهن آفيسر ڀنگ ڀرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي ته ثبوت پيش ڪيا وڃن، انهي آفيسر خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي،ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.