| ڪراچي ۾ ميراٿن ريس ميلو، 7 هزار ايٿليٽس جي شرڪت، اسرار خٽڪ ۽ ساره لوڌي فاتح |
ڪراچي (اسپورٽس نيوز) نئين سال جي پهرين ميراٿن ڪالهه آچر تي ڪلفٽن تي منعقد ڪئي وئي. سخت سردي ۾ سي ويو تي منعقد ٿيندڙ ڪراچي ميراٿن ۾ 25 ملڪن جي 7,000 کان وڌيڪ ماڻهن حصو ورتو.ميراٿن کي چار حصن ۾ ورهايو ويو، ، جن ۾ 42.1 ڪلوميٽر، 21 ڪلوميٽر، 10 ڪلوميٽر ۽ 5 ڪلوميٽر ريس شامل هئي. مردن سان گڏ، ٻارن ۽ عورتن جي وڏي تعداد پڻ ميراٿن ۾ حصو ورتو.ميراٿن نشان پاڪستان بيچ سي ويو کان شروع ٿي ۽ ساڳئي هنڌ تي ختم ٿي. اسرار خٽڪ 42.1 ڪلوميٽر جو فاصلو 2 ڪلاڪ 39 منٽ 58 سيڪنڊن ۾ طئي ڪندي ميراٿن کٽي، حماس منهاس 2 ڪلاڪ 48 منٽ ۽ 59 سيڪنڊن سان ٻئي نمبر تي رهيو.هاف ميراٿن محمد اختر 1 ڪلاڪ 19 منٽ 29 سيڪنڊن ۾ کٽي، عطا الصمد ٻئي نمبر تي رهيو ۽ فيضان فيضي ٽئين نمبر تي رهيو.عورتن جي ميراٿن ساره لوڌي مقرر ڪيل فاصلو 3 ڪلاڪ 33 منٽ 28 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري ٽائٽل کٽيو، جڏهن ته ڪوڪب سرور 1 ڪلاڪ 53 منٽ 57 سيڪنڊن جي وقت سان ٻيو نمبر حاصل ڪيو.آخر ۾ انعام ورهايا ويا، منتظمين چيو ته ميراٿن ريس جو مقصد صحتمند زندگي گذارڻ کي فروغ ڏيڻ آهي، ۽ مستقبل ۾ اهڙيون مثبت سرگرميون جاري رکيون وينديون. ريس دوران سخت سيڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن جي سهولت لاءِ طبي امداد ۽ ريفريشمينٽ پوائنٽون پڻ قائم ڪيون ويون.