ڪراچي ۾ نئين اسٽيل مل لاءِ پاڪ-روس معاهدي جو  امڪان

جُولاءِ 2, 2025

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) وائيس قونصل جنرل اينڊري وڪٽرووچ فيدوروف چيو آهي ته ڪراچي ۾ هڪ نئين اسٽيل مل قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ-روس معاهدي تي جلد صحيحون ٿيڻ جي اميد آهي.

عرب اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته نئون منصوبو سرد جنگ کان اڳ واري صنعتي ۽ سيڙپڪاري تعاون کي بحال ڪندو.

روسي قونصل جنرل جو چوڻ آهي ته نئين اسٽيل مل تي پاڪ-روس ڳالهيون 27 مئي 2025 تي ٿيون هيون ۽ روسي ۽ پاڪستاني ماهر نئين اسٽيل مل لاءِ فريم ورڪ تيار ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته روسي ٽيم نئين اسٽيل مل لاءِ تجويز ڪيل جڳهه جو جائزو ورتو آهي ۽ هڪ ٻي روسي ٽيم جلد ئي منصوبابندي ۽ روڊ ميپ کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پاڪستان ايندي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌوءَ ۾ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ ، گڊو بيراج وٽ ننڍي ٻوڏ

  • وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ ڪندڙ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار يرغمال

  • مورو جا ڳوٺاڻا بازياب، ڀنگ ڀرڻ جا چوٻول

  • مٽياري ڀرسان فصل مان ڳوٺاڻي جو لاش هٿ