| ڪراچي ۾ هلندڙ پيپرن دوران امتحاني مرڪز ڪيئن تبديل ٿيا؟ جاچ جو حڪم: ڪميٽي قائم |
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ۾ انتظامي غفلت وارو اسڪينڊل، ميٽرڪ جي هلندڙ پيپرن دوران امتحاني مرڪز تبديل ڪرڻ واري معاملي جي انڪوائري لاءِ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري جي سربراهي ۾ 3 رُڪني انڪوائري ڪاميٽي قائم، ان ڏس ۾ ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي سالياني امتحانن دوران ميٽرڪ بورڊ جي اختيارين پاران اميدوارن جا امتحاني سينٽر رشوت عيوض تبديل ڪرڻ وارو اسڪينڊل ظاهر ٿيڻ بعد يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي اختيارين اعليٰ سطحي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي قائم ڪئي آهي. صوبائي وزير اسماعيل راهو جي هدايتن تي معاملي جي انڪوائري لاءِ يونيورسٽيز اينڊ بورڊ کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري جي سربراهي هيٺ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري (بورڊز) ۽ ٽيڪنيڪل بورڊ جي چيئرمين کي ميمبر طور مقرر ڪيو ويو آهي. جاچ ڪميٽي کي ذميواري ڏني وئي آهي ته اها امتحانن کان اڳ يا امتحانن دوران امتحاني مرڪز ڪهڙي بنيادن تي تبديل ڪيا ويا؟ يا ان عمل ۾ بورڊ انتظاميا جو مالي مفاد هو يا غيرقانوني اثررسوخ جي بنياد تي اميدوارن جا سينٽر تبديل ڪيا ويا؟ وارن مامرن جي جاچ ڪندي. ان حوالي سان صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته جاچ ڪاميٽي امتحاني مرڪزن جي الاٽمينٽ ۾ بيضابطگيون، ملي ڀڳت ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال وارن الزامن جي به جاچ ڪندي صوبائي وزير چيو ته بدعنوانين ۾ ملوث آفيسرن خلاف فوجداري ڪارروائي ڪئي ويندي.