ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هفتو اڳ ڦورن هٿان گوليون هڻي زخمي ڪيل هندو واپاري پُوهو مل شيوڪاڻي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو
ابراهيم حيدري علائقي ۾ واپاري پُوهو مل هفتو اڳ گهر ۾ هٿياربندن هٿان ڦر مزاحمت تي پٽ سميت شديد زخمي ٿيو هو، ضياءُ الدين اسپتال ۾ سندس علاج هلندڙ هو جتي دم ڏنو
پوليس واقعي ۾ ملوث ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي هئي، مقتول هندو واپاري پُوهومل ٿاڻي بولا خان لڳ مول علائقي جو رهواسي هو