ڪراچي ۾ واٽهڙو عورتن سان غلط حرڪتون ڪندڙ سيڪيورٽي گارڊ گرفتار

آگسٽ 17, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ڪراچي جي اتحاد ٽائون واري علائقي ۾ واٽهڙو عورتن سان غيراخلاقي حرڪتون ڪندڙ جوابدار گرفتار ٿي ويو

پوليس سي سي ٽي وي فٽيجز جي مدد سان جوابدار فيضان کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار فيضان خانگي سڪيورٽي گارڊ آهي ۽ صدام چوڪ تي رهندوهو، جوابدار واٽ ويندڙ عورتن سان غيراخلاقي حرڪتون ڪندوهو

وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد ڊي آءِ جي ڏکڻ عرفان بلوچ نوٽيس وٺندي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو

Leave A Comment