ڪراچي ۾ وري بدامني: وڌيڪ 2 شهري قتل: رمضان ۾ مارجي ويلن جو انگ 18 ٿي ويو: اڄ ۽ سڀاڻي سيڪيورٽي سخت ۽ نگراني وڌائڻ جو حڪم

اپريل 8, 2024

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ ڦرلٽ لاءِ تاڙ ۾ ويٺل ڦورن هٿان 2 ڄڻا قتل، جڏهن ته ڦورو ڪار مان هڪ ڪروڙ 26 لک روپيا کڻي فرار ٿي ويا

 ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا چيو آهي ته ٻئي مقتول پولٽري فارم جا ملازم هئا ۽ ڪيش کڻي بئنڪ وڃي رهيا هئا، تاڙ ۾ ويٺل ڦورن کي خبر هئي ته ٻئي اِن ئي رستا تان گذرندا

مقتولن جِي ڪار تي ٻنهي پاسن کان فائرنگ ڪئي وئي، ايڏي ڪيش بئنڪ کڻي وڃڻ کان اڳ پوليس کي اطلاع ڏيڻ گهرجي هئا

 وڏي وزير مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪندي چيو ته اهڙا واقعا قبول جوڳا نه آهن، واقعي وقت علائقي جي پوليس ڪٿي هئي؟ جتي ڪرائيم گهڻو آهي، اُتي پوليس جو گشت وڌايو وڃي

هوڏانهن گهرو وزير ايس ايڇ و سائيٽ کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڪراچي ۾ رمضان دوران ڦورن جي فائرنگ ۾ 18 شهري مارجي ويا، هلندڙ سال ڦر مزاحمت مارجي ويلن جو انگ 57 ٿي ويو

ٻئي طرف وڏي وزير مراد علي شاهه ڪراچي ۾ اڄ ۽ سڀاڻي سيڪيورٽي وڌيڪ سخت ڪرڻ ۽ نگراني وڌائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

ڪراچي جي امن امان بابت اهم اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي، اي آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب، ڊي آءِ جي مقدس حيدر ۽ ٻين جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي

 وڏي وزير بلديه ۾ ڇاپو هڻي ٻن مغوين کي بازياب ڪرائڻ تي پوليس کي شاباشي ڏني، ڪراچي پوليس جي سربراهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اغوا ڪندڙن شاهد ۽ عبدالله کي اٽلي موڪلڻ جو ڏٽو ڏئي گهرايو ۽ اغوا ڪري ورتو، پوليس ڪارروائي ڪندي ٻنهي مغوين کي بازياب ڪرايو

 اي آءِ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ته اهو گروپ پاڪستاني آهي پر پرڏيهه مان ويهي ڪراچي ۾ ڏوهه ڪرائي ٿو، وڏي وزير چيو ته پوليس ائين ڪم ڪندي رهندي ته شهر مان ڏوهن جو خاتمو ضرور ايندو، اميد آهي ته پوليس ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي شهر مان ڏوهن جو خاتمو آڻيندي

Leave A Comment