ڪراچي ۾ وڳوڙ: فردوس شميم ۽ ٻيا پي ٽي آءِ اڳواڻ جڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي

مَي 17, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت وڳوڙن جي ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم ۽ ٻين کي جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو، ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم، پوليس ايم پي اي فردوس شميم سميت گرفتار ڪيل 14 جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، فردوس شميم عدالت ٻاهران ڳالهائيندي چيو ته مون کي شاهراهه فيصل ٿاڻي تي رکيو ويو آهي جتي واش روم جي سهولت به نه آهي، ڪينسر جو مريض آهيان، ڄنگهه ۾ به تڪليف آهي، نماز ويهي پڙهان ٿو، ٿاڻي ۾ پاڻي نه هئڻ سبب وضو ڪرڻ بدران تيمم ڪيان ٿو، فردوس شميم پاڪ فوج زنده باد جا نعرا به هنيا..

لاڳاپيل پوسٽون

  • خانپورمهر : هڪ نينگري ٻڏي فوت، ٻن کي بچايو ويو

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • گمبٽ ۾ هٿياربندن هٿان دڪاندار گولي هڻي زخمي

  • دوڙ ڀرسان نوجوان جو لاش هٿ، ساهرن تي قتل جو الزام