ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن اندر 8 ڄڻا فوت

جُون 29, 2025

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن جي برسات دوران مختلف حادثن ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن. ريسڪيو ذريعن ٻڌايو آهي ته لياري جي موسيٰ لين ۾ عمارت جي ڇت ڪرڻ سبب پيءُ ۽ ڌيءَ فوت ٿي ويا، جڏهن ته حادثي ۾ عورت ۽ ٻارن سميت پنج ماڻهو زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته منظور ڪالوني اسٽريٽ نمبر 1 ۾ هڪ گهر جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ٻار فوت ٿي ويو جڏهن ته هڪ پيءُ ۽ پٽ زخمي ٿي پيا.

ان کان علاوه، 40 سالن جو گلفام نيو ڪراچي جي سيڪٽر 11 جي ۾ هڪ گهر ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، 22 سالن جو مير جان فردوس ڪالوني، گوليمار ۾ هڪ دڪان ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏهن ته 21 سالن جو احمد بستي، سرجاني خدا ۾ هڪ گهر ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، ۽ 17 سالن جو مدثر ڪورنگي جي بلال ڪالوني ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.ريسڪيو ذريعن موجب 22 سالن جو ڪامران ليبر اسڪوائر ڪمپني جي سائيٽ ايريا ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سکر جون 38 عمارتون زبون خطرناڪ قرار

  • جھڏو ۾ نصير ڇنڊڻ جي بحالي لاءِ آپريشن

  • دادو: ڍنڍ پار ڪندي پورهيت ڌيءُ سوڌوٻڏي فوت

  • وفاقي سرڪار پاران کنڊ جي درآمد لاءِ  ٽينڊر جاري