ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول چيو آهي ته 5سيڪڙو مينڊيٽ رکندڙ 100سيڪڙو وسيلا استعمال ڪن ٿا، مصنوعي منڊينٽ رکندڙ جماعت کي سنڌ جو 100 سيڪڙو اختيار ڏنو ويو آهي
ڪراچي ۾ خالد مقبول، فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، ان موقعي تي متحده جي ڪنوينر خالد مقبول چيو ته اسان چونڊن ۾ دير نٿا چاهيون، اسان جي تياري مڪمل آهي، اڌ آمشماري جي بنياد تي چونڊون نٿيون ٿي سگهن، اسان جو پهريون مطالبو شفاف ۽ ٻيو مطالبو فوري چونڊون آهي
هن چيو ته نئين تڪبندين بعد چونڊون ٿيڻ گهرجن، ڪراچي جي آدمشماري جي ٻيهر ڳڻپ ڪئي وڃي، ٽيڪنالاجي هر ماڻهو جي ڳڻپ آسان ڪري ڇڏي آهي
خالد مقبول چيو ته ڪنهن سياسي دٻاءُ تحت تبديل ڪيل آبادي الميي کي جنم ڏئي سگهي ٿي، ڪراچي جي آبادي کي ٺيڪ ڳڻيو وڃي ٻي صورت۾ آدمشماري کي نه شهري مڃيندا نه ئي ايم ڪيو ايم تسليم ڪندي
خالد مقبول چيو ته 5سيڪڙو مينڊيٽ رکندڙ 100سيڪڙو وسيلا استعمال ڪن ٿا، مصنوعي منڊيٽ رکندڙ جماعت کي سنڌ جو 100 سيڪڙو اختيار ڏنو ويو آهي، هي شهر ٽيڪس ڏئي رهيو آهي، اهو ٽيڪس موٽ ۾ ملڻ گهرجي