ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ سجاد جمالي محمود آباد ٿاڻي تي ڇاپو ھڻي غير قانوني حراست ۾ رکيل نوجوان کي بازياب ڪرائي ورتو، جج جي ڇاپي دوران ٿاڻي تي موجود اھلڪار رفو چڪر ٿي فرار ٿي ويا
وڪيل امام علي ڏنگر جو چوڻ هو ته جج جي ڇاپي دوران غير قانوني طور باندي بڻايل نوجوان جي روزنامچي ۾ ڪا انٽري ٿيل نه ھئي، غير قانوني طور حامد نالي شھري کي اغوا ڪري ٿاڻي ۾ ھڪ لک رپيا گھرڻ لاءِ رکيو ويو ھو
هن ٻڌايو ته ايس ايڇ او محمود آباد پنھنجي ماڻھن جي ذريعي حامد نالي شھري کي باندي بڻائي لک رپيا گھري رھيو ھو، جج صاحب ڇاپو ھڻي نوجوان کي بازياب ڪرايو آھي، حامد کي پوليس غير قانوني طور ٿاڻي تي رکيو ھو
وڪيل موجب نوجوان کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، لاڳاپيل پوليس آفيسرن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي
ٻئي طرف ايس ايڇ او محمود آباد اعجاز خشڪ شھري جي اغوا معاملي تي موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جڏهن ته وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جوڊيشل مئجسٽريٽ جي ڇاپي دوران ٿاڻي ۾ ھڪ به اھلڪار موجود ناھي، پورو ٿاڻو خالي پيل آهي