ڪراچي ۾ پوليس جمعدار ٿاڻي اندر آپگهات ڪري ڇڏيو

ڪراچي ۾ پوليس جمعدار ٿاڻي اندر آپگهات ڪري ڇڏيو

 ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نيپئر ٿاڻي جي ٻئي ماڙ  تي پوليس جمعدار آپگهات ڪري ڇڏيو، پوليس موجب هيڊ ڪانسٽيبل شفيق ڪياني پاڻ مٿان فائر ڪري آپگهات ڪيو، فوتي اهلڪار ڊي ايس پي انويسٽيگيشن کارادر جي آفيس ۾ مقرر ٿيل هو، شروعاتي جاچ موجب پوليس اهلڪار مالي مشڪلاتن جو شڪار هو، مٿس مختلف ماڻهن جو قرض به هو، جنهن سبب هو سخت پريشان هو،