ڪراچي ۾ پوليس پرڏيهين تي حملي جي ڪوشش ناڪام: هڪ دهشتگرد مارجي ويو
مَي 10, 2023
ڪراچي/ملير(رپورٽ: حبيب جمالي/ ناز شر) ڪراچي پوليس پرڏيهين تي حملي جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو، هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو، پوليس موجب ريڙهي ڳوٺ جي جيٽي دائود جت ويجهو دهشتگردن پاڪ چائنا شپ يارڊ کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو، هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو، پوليس جو چوڻ آهي ته پاڪ-چائنا شپ يارڊ کي ڪڙو چاڙهي سرچنگ جو عمل تيز ڪيو ويو آهي. اطلاع تي پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي آهي، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگرد جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. پوليس موجب شروعاتي طور تي دهشتگردن جو انگ 2 ٻڌايو پيو وڃي، جن مان هڪ مارجي ويو، هڪ جي ڳولا جاري آهي، سندس چوڻ هو ته چيني شهرين تي دائود جيٽي تي حملي ۾ جي ڪوشش ڪئي وئي، چيني شهرين جي سيڪيورٽي تي موجود اهلڪارن دهشتگردن جو مقابلو ڪري حملو ناڪام بڻايو، پوليس اهلڪارن هڪ دهشتگرد کي ماري ڇڏيو، جڏهن ته دهشتگردن جي فائرنگ ۾ اهلڪار اڪرم علي زخمي ٿي پيو، زخمي اهلڪار کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف ايس ايس پي ملير جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد کي آپگهاتي جيڪٽ پيل هجڻ جي خدشي تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي گهرائي معائنو ڪرايو پيو وڃي جڏهن ته مارجي ويل دهشتگرد جي قبضي مان هڪ ڪلاشنڪوف، 50 گوليون کائڻ جا چڻا، بيگ ۽ 2 ميگزين به مليا آهن. هوڏانهن سي ٽي ڊي جي ڊي آءِ جي عمر بن خطاب چيو آهي ته 3 دهشتگرد پاڪ چائنا شپ يارڊ جي پٺئين پاسي وهندڙ نالي کان اندر داخل ٿيا ته سيڪيورٽي تي موجود اهلڪارن مقابلو ڪيو، جنهن ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا. هن چيو ته مقابلو ڪندڙ پوليس اهلڪارن جي بهادري تي کيس سلام پيش ڪريان ٿو اهلڪار الرٽ آهن ۽ ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن.