ڪراچي ۾ پيءُ بيلچا هڻي پٽ ماري ڇڏيو
جُولاءِ 2, 2025
ڪراچي ( پنهنجي ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ پٿر دل پيءُ بيلچا هڻي پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو ،ڪراچي جي علائقي اقبال مارڪيٽ ٿاڻي جي حد راجا تنوير ڪالوني ۾ عبدالغفار 21 ورهين جي علي خان کي قتل ڪيو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل نوجوان جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته پوليس ڪارروائي ڪندي مقتول جي والد عبدالغفار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.