ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جي هڙتال واري سڏ کي موٽ نه ملي: واپاري مرڪز ۽ روڊ کليل

مَي 10, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان اڄ ڪراچي ۾هڙتال واري ڏنل سڏ کي موٽ نه ملي شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز ۽ روڊ کليل رهيا جڏهن ته زندگي پڻ معمول تي آهي. تفصيل موجب  پي ٽي آءِ ڪراچي جو اهم اجلاس ڊويزنل صدر آفتاب حسين صديقي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ چيئرمين عمران خان جي گرفتاري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اڄ ڪراچي ۾ مڪمل هڙتال ڪئي ويندي، جڏهن ته منجهند 2 وڳي کان شاهراهه فيصل کي بند ڪري احتجاج شروع ڪيو ويندو جيڪو عمران خان جي آزادي تائين جاري رهندو. ان حوالي سان آفتاب حسين صديقي جو چوڻ آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪري اسان جي ريڊ لائين ڪراس ڪئي وئي آهي، ڪراچي سميت سڄي ملڪ جا ڪارڪن اڄگرفتاريءَ خلاف احتجاج ڪن. ٻئي طرف صدر، ٽاور ۽ بولٽن مارڪيٽ سميت شھر جا اھم واپاري مرڪز کليل آهن جنهن سبب پي ٽي آءِ جي هڙتال واري  سڏ کي موٽ نه ملي سگهي آهي جڏهن ته پبلڪ ٽرانسپورٽ پڻ ھلندڙ آهي، شاھراهه فيصل تي ٽريفڪ جي اچ وڃ روان دوان، پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري مقرر  ڪئي وئي آهي، شاھراهه فيصل تي گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي ڪيل پٿراءَ، وڻن کي باهه ۽ گاڏين جو ملبو هٽايو ويو، پي ٽي آءِ پاران اڄ منجھند 2 وڳي ٻيھر احتجاج جو اعلان ٿيل آھي

Leave A Comment