ڪراچي ۾ پ پ ۽ متحده ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل نينگر دم ڏئي ڇڏيو

فيبروري 5, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پ پ ۽ متحده ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿيل نينگر دم ڏئي ڇڏيو
نيو ڪراچي واري علائقي ۾ جهيڙي دوران زخمي ٿي ويل 11 ورهين جو عبدالرحمان جناح اسپتال جي نيورو وارڊ ۾ علاج هيٺ هو، اڄ زندگي سندس ساٿ ڇڏي وئي
اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته نينگر جي حالت لاڳيتو ڳڻتي جوڳي هئي، کيس بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو
2 ڏينهن اڳ ٻن سياسي گروپن ۾ فائرنگ دوران نينگر گولي جو شڪار ٿيو هو، واقعي جا ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس هڪ به جوابدر گرفتار نه ڪيو

Leave A Comment