ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ڪارڪنن ۾ جھيڙو، ڇتي فائرنگ، ايم ڪيو ايم ڪارڪن مارجي ويو، پ پ ڪارڪن زخمي، 2 ويگو گاڏين کي باهه، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو
آچر ۽ سومر جي وچ واري رات جو ناظم آباد نمبر 2 جي ملٽي چوڪ تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ڪارڪنن وچ ۾ جهيڙو ٿيو، جنهن دوران شديد فائرنگ ڪئي وئي، گاڏين تي لٺيون وسايون ويون ۽ پٿراءُ ڪيو ويو، جنهن سبب ڪيترن ئي گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا
پوليس جي موجودگيءَ ۾ به فائرنگ جاري رهي، گوليون لڳڻ سبب ايم ڪيو ايم گلبهار يونٽ جو انچارج فراز قريشي ۽ پ پ ڪارڪن رائو طلحه زخمي ٿي پيا، زخمي رائو طلحه کي خانگي گاڏي ۾ عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو
زخمي فراز قريشي کي پوليس موبائيل ۾ اسپتال منتقل ڪيو پي ويو پر هنگامن سبب موبائل کي نڪرڻ جو رستو نه مليو، جنهن بعد کيس ويگو گاڏي ۾ کڻي عباسي شهيد اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي
علائقي واسين جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جي ريلي علائقي مان گذري رهي هئي ته انهي دوران ايم ڪيو ايم آفيس جي سامهون جھنڊو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن تان ٻنهي پارٽين جا ڪارڪن هڪٻئي کي هٿين پئجي ويا، جھيڙي دوران گاڏي ۾ سوار ماڻهن انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني
علائقي واسين موجب فائرنگ بعد مڇريل ڪارڪنن 2 ڊبل ڪيبن گاڏين کي به باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، رينجرز ۽ پوليس جي اضافي نفري پهتي جنهن بعد فائرنگ جو سلسلو رڪجي ويو
فائر برگيڊ جي گاڏي واقعي واري هنڌ پهچي گاڏين کي لڳل باهه تي ضابطو آندو، سڙي ويل گاڏين جا مالڪ رينجرز جي موبائل ۾ ويهي پنهجن گاڏين تائين پهتا پر ان وقت تائين باهه لڳڻ سبب ٻئي گاڏيون مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويون
جھيڙي دوران مارجي ويل متحده ڪارڪن 44 ورهين جي فراز احمد قريشي جي جنازي نماز بفرزون جي الهديٰ مسجد ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، مصطفيٰ ڪمال، انيس قائم خاني سميت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
ٻئي طرف ڊي آءِ جي ويسٽ عاصم قائمخاني واقعي واري هنڌ جو جائزو وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي جي ريلي يا جلسي ۾ هٿيار هوندا ته سخت ڪارروائي ڪئي ويندي
هن چيو ته سياسي پارٽين کي برداشت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، اسان معاملي جي انڪوائري ڪري رهيا آهيون، ميرٽ تي ڪيس داخل ڪنداسين
اسانجو ڇهون ڪارڪن شهيد ٿيو: ڪيستائين جنازا کڻبا: خالد مقبول
متحده جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪيستائين جنازا کڻندا رهنداسين؟ 3 مهينن ۾ اسان جو ڇهون ڪارڪن شهيد ٿيو آهي، اسان اوهان کي چيلنج ڪرڻ وڃون پيا، اوهان کان برداشت نه ٿيو، اسان وڙهڻ نٿا چاهيون، وڙهڻ اسان جو ڪم ناهي، انتظاميا، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ حڪومت جي ذميواري آهي ته اسان جو تحفظ ڪن، جيڪڏهن عوام مشتعل ٿيو ۽ ڪراچي جو امن برباد ٿيو ته ان جي ذميواري اسان تي وجهندا پر اسان ذميوار نه هونداسين
هن چيو ته سينٽرل ضلعي کي ٺيڪي تي ڏنو ويو آهي، 8 فيبروري انھن جي ڏاڍ مڙسي جو آخري ڏينهن ھوندو، اسانجي ڪارڪنن جي قتل ۾ پوليس برابر جي شريڪ آھي،آئون ڪارڪنن کي چوان ٿو ته صبر جو دامن ڇڏڻو ناھي
ھوڏانھن واقعي کانپوءِ ڪالھ پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر مصطفي ڪمال چيو ته اسانجي ڪارڪنن جي قتل جو ذميوار پ پ اڳوڻ ڊاڪٽر عاصم آھي، ناظم آباد ايم ڪيو ايم جو ڳڙھ آھي، اتي جھنڊا لڳائڻ لاءِ آيل پ پ وارن کان ڪارڪنن پڇيو ته اھي اسانجي جھنڊن کي ڇو پيا لاهين؟، جنهن تي پ پ وارن ھٿيار کڻي اچي سڌي فائرنگ ڪئي، پوليس موجود هوندي ڪارروائي نه ڪئي
هن چيو ته جيڪي گوليون ھڻندا انھن جي گاڏين کي باھيون نه ته پوءِ ڇا گلن جا ھار پارايا ويندا؟ ڊاڪٽر عاصم خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي
ايم ڪيو ايم ٻيھر متحده باني واري سياست تي لٿي آهي: سعيد غني
پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته مصطفيٰ ڪمال ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي انتظاميا نوٽيس وٺي، ناظم آباد ۾ ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن اسان جي ڪارڪنن تي حملو ڪيو، جنهن جا فوٽيج موجود آھن، متحده وارا سينٽرل ضلعي کي پنهنجي جاگير سمجھن ٿا، انھي ڪري اتي ڪنهن پارٽي کي جھنڊو به هڻڻ نٿا ڏين
بلاول ھائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته ايم ڪيو ايم ھڪ ڀيرو ٻيھر متحده باني واري طرزسياست تي لھي آئي آھي مصطفيٰ ڪمال ماضي ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي تي را جي ايجنٽ ۽ پاسپورٽ ڦاڙڻ تي الزام ھنيا هئا ھاڻي وري اسان تي به ساڳيا الزام پيو ھڻي
ھن چيو ته ڊاڪٽر عاصم ۽ مسرور احسن سينٽرل ضلعي ۾ ڪافي ڪم ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم وارا سمجھن ٿا ته شفاف اليڪشن ٿي ته انھن کي ھڪ به سيٽ نه ملندي، انھي ڪري اھي ڄاڻي واڻي صورتحال خراب پيا ڪن، واقعي جو ذميوار مصطفيٰ ڪمال آھي، سندس خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو وڃي
جماعت اسلامي پاران متحده ڪارڪن جي قتل واقعي جي عدالتي جاچ جي گهر
جماعت اسلامي ناظم آباد ۾ ايم ڪيو ايم ڪارڪن جي قتل واقعي جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته ھڪ پاسي اليڪشن جون تياريون آھن ته ٻئي پاسي شرپسند ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن ، ناظم آباد ۾ ايم ڪيو ايم ڪارڪن جي قتل جي مذمت ڪندي ھن چيو ته مقتول جي خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون