ڪراچي ۾ ٿڌ جو 43 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو: ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران پنجاب ۽ ڪي پي سميت ملڪ جي اولهه ۽ ڏکڻ ۾ برسات جو امڪان

مارچ 2, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر+ پنهنجي ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ٿڌ جو 43 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي جڏهن ته موسميات کاتي ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران پنجاب ۽ ڪي پي سميت ملڪ جي اولهه ۽ ڏکڻ وارن علائقن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي

ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن برسات کانپوءِ ٿڌ جي لهر وڌي وئي ۽ مارچ ۾ ٿڌ جو 43 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڏينهن برسات کانپوءِ اڄ شهر ۾ ٿڌيون هوائون گهلڻ لڳيون آهن

چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز موجب شهر ۾ 4 مارچ تائين ٿڌ جي لهر برقرار رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته وڌيڪ برسات جو ڪو امڪان ناهي

هن ٻڌايو ته شهر ۾ اڄ گهٽ کان گهٽ پارو 14.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته پارو 11 کان 9 ڊگري تائين ڪِري سگهي ٿو

 واضح رهي ته ڪراچي ۾ مارچ ۾ گهٽ کان گهٽ پارو 7 ڊگري 9 مارچ 1979 ۾ رڪارڊ ٿيو هو

ٻئي طرف موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ايندڙ 48 ڪلاڪن دوران تيز برسات جو امڪان آهي

 موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته برساتن جو سبب بڻجندڙ هڪ ٻيو موسمياتي سسٽم ملڪ جي اولهه ۽ ڏکڻ علائقن ۾ وڌيڪ برساتن لاءِ پهچڻ وارو آهي، ڪجهه هنڌن تي آنڌاري ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي

موسميات کاتي موجب ايندڙ 12 کان 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ جي اتر علائقن سميت خيبر پختونخواهه، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، پنجاب جي وچولن ۽ مٿين علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي

هوڏانهن اين ڊي ايم اي موجوده برساتن کانپوءِ ايندڙ برساتن جو سلسلو 5 کان 7 مارچ جي وچ ۾ شروع ٿيڻ جي به وارننگ ڏني آهي، برساتن جو نئون اسپيل بلوچستان سان گڏ خيبر پختونخواهه، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ پنجاب جي مٿين علائقن کي متاثر ڪري سگهي ٿو

Leave A Comment