ڪراچي ۾ ڀتو اوڳاڙڻ جي وڊيو وائرل

جُولاءِ 4, 2025

ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ ) ڪراچي جي مين سپر هاءِ وي سبزي منڊي وٽ ايراني ڊيزل جو غيرقانوني ڪاروبار، ڀتو اوڳاڙڻ جي وڊيو ٺاهڻ تان پوليس شهري مٿان تشدد ڪيو، ايراني ڊيزل جي ڊپو تان پوليس اهلڪارن طرفان ڀتو اوڳاڙڻ جي وڊيو ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتي آهي، سائيٽ سپر هائي وي ٿاڻي جي حد ۾ ايراني ڊيزل جا 5 کان وڌيڪ ڊپو هلڻ لڳا

شهري طرفان مددگار 15 تي به اطلاع ڏنو ويو، جنهن تي چوڪي انچارج آپي مان نڪري ويو، شڪايت ڪندڙ شهري تي چوڪي ۾ تشدد، کيس لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آئون ڪاروباري ماڻهو آهيان، اسان جي سامهون ايراني ڊيزل جا ڊپو آهن، ڪو به وڏو حادثو ٿي سگهي ٿو، متاثر شهري ممتاز مروت جو چوڻ آهي ته ايراني ڊيزل جي ڊپو تان پوليس ڀتو وٺي ٿي، مون وڊيو به رڪارڊ ڪئي، شهري ٻڌايو ته مون مددگار 15 تي اطلاع ڏنو، مددگار 15 پوليس پهتي، جنهن بعد چوڪي انچارج چيو ته چوڪي تي اچو ته ڪارروائي ڪريون،

آئون چوڪي تي پهتس ته چوڪي انچارج ڪامران مون کي تشدد جو نشانو بڻايو، منهنجا ڪپڙا ڦاٽي پيا، شهري چوڪي انچارج مون کي لاڪ اپ ڪيو ۽ منهنجي موبائيل مان وڊيو ڊيليٽ ڪيا، شهري موجب چوڪي تي ايراني ڊيزل جو ڪاروبار ڪندڙ عمران باجوڙي ساٿين سميت پهتو، ان به مون کي ڌمڪيون ڏنيون، آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪري، غيرقانوني ايراني ڊيزل جا ڊپو به بند ڪرايا وڃن.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سکر جون 38 عمارتون زبون خطرناڪ قرار

  • جھڏو ۾ نصير ڇنڊڻ جي بحالي لاءِ آپريشن

  • دادو: ڍنڍ پار ڪندي پورهيت ڌيءُ سوڌوٻڏي فوت

  • وفاقي سرڪار پاران کنڊ جي درآمد لاءِ  ٽينڊر جاري