ڪراچي ۾ ڀنگ لاءِ اغو جو ڪسٽم آفيسر جي سربراهي ۾ هلندڙ منظم گروهه پڪڙجي پيو

جنوري 22, 2024

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ حاضر سروس ڪسٽم آفيسر جي سربراهي ۾ هلندڙ ڀنگ لاءِ اغوا جو منظم گروهه پڪڙجي پيو. اي وي سي سي پوليس، سي پي ايل سي ۽ حساس اداري جي مدد سان ڪارروائي ڪري شاگرد جي اغوا ۾ ملوث ڪسٽم جي سينئر انسپيڪٽر عبدالفتاح  سميت ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي اي وي سي سي ظفر صديق ڇانگا پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 3 ڊسمبر تي شاگرد وجاهت کي برگيڊ ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪيو ويو هو، جوابدارن مغوي جي وارثن کان ڪرپٽو ڪرنسي جي صورت ۾ 50 هزار ڊالر ڀنگ گهريو هو، جوابدار مغوي تي تشدد ڪندا هئا، مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندا هئا، مغوي جي وارثن ڪيس داخل ڪرايو، جنهن بعد جوابدارن پوليس جي خوف کان ڇڏي ڏنو ۽ روپوش ٿي ويا. ايس ايس پي موجب پوليس سي پي ايل سي ۽ حساس اداري سان گڏجي ڪارروائي ڪري ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جوابدارن ۾ خضدار ۾ ڊيوٽي ڪندڙ ڪسٽم انسپيڪٽر عبدالفتاح، شوڪت ۽ زبير شامل آهن، زبير سکر جو رهواسي آهي، ڪراچي ۾ امتحانن جي تياري ڪري هو، جوابدارن جي قبضي مان ڪسٽم يونيفارم، واردات ۾ استعمال ٿيل ڪار، پرس، ڪارڊ، پستول هٿ ڪيا ويا، گينگ 6 جوابدارن تي مشتمل آهي، گينگ جو سربراهه ڪسٽم انسپيڪٽر آهي، باقي ٽن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، گينگ شهر مان وڌيڪ ٻن ڄڻن کي اغوا ڪرڻ جي تياري ڪري چڪو هو

Leave A Comment