ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي آن لائن فوڊ ڊليوري ڪمپني جو رائيڊر قتل

ڊسمبر 5, 2023

ڪراچي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي آن لائن  فوڊ ڊليوري ڪمپني جو رائيڊر قتل

بورڊ آفيس ڀرسان واقعو پيش آيو، ڦر دوران مزاحمت تي آن لائن فوڊ ڊليوري ڪمپني جو رائيڊر گوليون هڻي بيدردي سان قتل ٿي ويو

بورڊ آفيس ڀرسان فائرنگ ۾ ارسلان زخمي ٿي پيو، اسپتال نيئندي رستي ۾ دم ڏنائين

اکين ڏٺن شاهدن موجب ٻن موٽرسائيڪل سوارن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي رائيڊر کي گوليون هڻي قتل ڪيو

مقتول ارسلان پنج ڀيڻ ڀائرن ۾ ٻئي نمبر تي هو جيڪو نارٿ ڪراچي سيڪٽر سيون ڊي جو رهواسي هو، مقتول گذريل ڏيڍ سال کان آن لائن فوڊ ليوري جو ڪم ڪندو هو، مقتول غير شادي شده هو، رات جي وقت آن لائن فوڊ ڊليوري ڪندو هو

لاڳاپيل پوسٽون

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي