| ڪراچي ۾ کير 20 رپيا ليٽر مهانگو: اگهه 240 رپيا ٿي ويو |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ کير جي اگھه ۾ في ليٽر 20 رپين جي واڌ ڪئي وئي، ڪمشنر ڪراچي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته ريٽيلر لاءِ شهر ۾ في ليٽر کير 220 رپين مان وڌي 240 رپيا ٿي ويو آهي. اهڙي طرح ڊيري فارمرز لاءِ کير جي في ليٽر جي قيمت 215 ۽ هول سيلرز لاءِ 225 رپيا في ليٽر قيمت مقرر ڪئي وئي آهي.