ڪراچي ۾ کير 20 رپيا مهانگو: حڪومتي مشينري واپارين آڏو بيوس

جُولاءِ 3, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واپارين کير 20 رپيا في لٽر مهانگو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته حڪومتي مشينري  واپارين آڏو بيوس بڻيل آهي

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جا شهري مهانگائي کي منهن ڏئي رهيا آهن مٿان وري واپارين هڪ ئي ڌڪ ۾ کير  جي اگهه ۾ 20 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن سبب شهري سخت پريشان ٿي ويا آهن

شهرين جو چوڻ آهي ته واپارين کير اوچتو 210 رپين مان  230 روپيا في لٽر ڪري ڇڏيو آهي پر  انتظاميا ۽ حڪومتي ادارن کير جي اگهن ۾ انڌاڌُنڌ واڌ خلاف ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي جنهن سبب دڪاندارن پنهنجي هڪ هٺي قائم ڪري رکي آهي

ٻئي طرف دڪاندارن جو چوڻ آهي ته کير جا هول سيل اگهه وڌي ويا آهن، انڪري کير مهانگو ڪيو اٿئون اسان ڇا ٿا ڪري سگهون

Leave A Comment