ڪراچي ۾ ڪار سوار ماڻهو ٻارڙيءَ جو لاش جناح اسپتال ۾ ڇڏي فرار
نومبر 29, 2023
ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ اڻڄاتل ڪار سوار ماڻهو ٻارڙي جو لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا
اڻڄاتل ڪار سوار ڇهن ورهين جي ٻارڙي جو لاش جناح اسپتال جي ايمرجنسي ٻاهران ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا
اکين ڏٺن شاهدن موجب ڪار ۾ سوار ٻه ماڻهو ٻارڙيءَ جو لاش ڇڏي ويا، ٻارڙي جي منهن تي زخم جا واضح نشان آهن
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، سي سي ٽي وي ڪيمرائن جو جائزو ورتو پيو وڃي