| ڪراچي ۾ ڪاپي جي ڌم: صوبائي وزير پاران جاچ جو حڪم |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) يونيورسٽين ۽ تعليمي بورڊن واري وزير اسماعيل راهو ميٽرڪ جي امتحانن ۾ ڪاپي بابت پهتل شڪايتن جو نوٽيس ورتو، ڪراچي ميٽرڪ بورڊ ۾ مختلف امتحاني مرڪزن جي تبديلي ۽ ڪاپي سميت ٻين شڪايتن تي تعليمي بورڊ جي سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪري ورتي صوبائي وزير اسماعيل راهو يونيورسٽيز کاتي جي سيڪريٽري کي جاچ ڪاميٽي ٺاهڻ جي هدايت پڻ ڪئي اسماعيل راهو چيو آهي ته جاچ مڪمل ڪري جامع رپورٽ ڏني وڃي.