| ڪراچي ۾ ڪلائيميٽ مارچ: ڪوئلي جا منصوبا ختم ۽ تمر جاٻيلا لڳائڻ جي گهر |
ڪراچي(رپورٽ: الطاف چنا) ڪراچي ۾ ڪلائيميٽ مارچ: فريئر هال کان پريس ڪلب تائين ريلي نڪتي، مارچ کي عورت اڳواڻ شيما ڪرماڻي، زهره خان، مزدور اڳواڻ ناصر منصور، احمد شبر، اصغر دستي، سعيد بلوچ خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي پاڻ کي مظلوم نه پر مزاحمت ڪندڙ شهر طور پيش ڪري رهي آهي. ڪراچي کي ڪنهن قدرتي آفت نه پر منظم سياسي، معاشي ۽ ماحولياتي حملن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، سامونڊي پٽي ۾ قبضن، ندي نالن جي بندش، هوا جي گدلاڻ ، زمينن جي ڪارپوريٽ استعمال سبب شهري زندگي خطري ۾ پئجي وئي آهي. ٻوڏون، گرمي ، بيماريون ۽ جبري لڏپلاڻ قدرتي آفتون نه پر فاسل سرمائيداري، نوآبادياتي استحصال ۽ ڪارپوريٽ جي ڳٺ جوڙ جو نتيجو آهن. هنن چيو ته پاڪستان عالمي گدلاڻ ۾ گهٽ حصو وجهڻ باوجود سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. مارچ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پاڪستان سميت متاثر ملڪن جا قرض ختم ڪيا وڃن، هنن چيو ته ڪراچي ۾ گجر نالي، اورنگي نالي، ملير سميت مختلف علائقن ۾ ٻوڏ سبب متاثر خاندانن کي معاوضو ۽ متبادل رهائش ڏني وڃي، اڳواڻن اين ڊي ايم اي سميت لاڳاپيل ادارن ۾ شفافيت، شهري نگراني ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو به مطالبو ڪيو ويو. هنن گهر ڪئي، پورٽ قاسم ۽ ٿر ۾ ڪوئلي جي بجلي گهرن، ملير ايڪسپريس وي، بحريا ٽائون، سمنڊ کي تباهه ڪندڙ منصوبن کي فوري طور روڪيو وڃي. انڊس ڊيلٽا کي محفوظ علائقو قرار ڏئي، تمر جي ٻيلن جو تحفظ ڪيو وڃي