ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڪچرو ميڙيندڙ افغانين پاران معصوم ٻارڙيءَ کي مبينا طور اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، مزاحمت تي نينگري، سندس ڀاءُ ۽ چاچو زخمي ٿي پيا
بلوچ ڪالوني جوڻيجا تائون واري علائقي ۾ ڪچرو ميڙيندڙ افغانين 8 ورهين جي معصوم ٻارڙي سونا کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته رڙين تي سندس وارث پهچي ويا ۽ مزاحمت ڪئي ته افغانين مٿن حملو ڪري ڏنو جنهن سبب چاچو ۽ ڀاءُ زخمي ٿي پيا
علائقي واسين جي گڏ ٿيڻ تي افغاني نينگري کي ڇڏي فرار ٿي ويا، نينگري جي چاچي ڪرشن جو چوڻ آهي ته ڪچرو ميڙيندڙ افغاني سونا کي ٻوري ۾ وجهي اغوا ڪري رهيا هئا، مون ۽ نينگري جي ڀاءُ کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته افغانين حملو ڪيو، حملي سبب آئون، منهنجو ڀائٽو ۽ ڀائيٽي زخمي ٿي پياسين
ٻئي طرف پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بعد جاچ شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته افغانين جي ڳولا ڪئي پئي وڃي