ڪراچي ۾ ڪڻڪ جو بحران، چڪي مالڪ عدالت پهچي ويا

مَي 24, 2023

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) فلور ملز ايسوسيئيشن ڪڻڪ نه ملڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي،عدالت سنڌ حڪومت، خوراڪ کاتي ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

فلور ملز ايسوسيئيشن ڪڻڪ جي سپلاءِ روڪڻ خلاف رضا رباني ايڊووڪيٽ ذريعي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

وڪيل موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ فلور ملز کي سنڌ حڪومت جي سخت پابندين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ضلعي ۽ صوبائي سطح تي گهرج مطابق ڪڻڪ فراهم نه ٿي ڪئي وڃي

هن چيو ته ڪراچي ۾ طلب پوري نه ٿيڻ سبب هن وقت ڪڻڪ مهانگي اگهه تي وڪرو ٿي رهي آهي

عدالت کي استدعا ڪئي وئي ته سنڌ حڪومت کي ڪڻڪ جي بنا دير فراهمي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو وڃي

عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کان 31 مئي تي جواب طلب ڪرڻ سان گڏ سنڌ حڪومت، خوراڪ کاتي سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

Leave A Comment