ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ گهر مان ڦر ڪوشش، مبينا مقابلو، افغان ڦورو ٽولي جا 5 هٿياربند مارجي ويا
نارٿ ڪراچي سيڪٽر 11 بي ۾ هڪ گهر ۾ 7 ڦورو داخل ٿيا جن سمورن گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي تشدد ڪيو، اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي وئي
پوليس موجب افغان ڦورو ٽولو هڪ گهر ۾ داخل ٿيو، اطلاع ملندي واقعي واري هنڌ پهتاسين، ايس ايس پي سينٽرل جو چوڻ آهي ته پوليس پهتي ته ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 5 ڦورو مارجي ويا، مارجي ويل 5 ڦورن مان 3 ڄڻن جي پائنده خان، عبدالله ۽ عمران جي نالي سان سڃاڻپ ٿي آهي، سندن 2 ساٿي فرار ٿي ويا
پوليس موجب جوابدارن جي قبضي مان هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن، افغاني ڦورو ڦرلٽ لاءِ هڪ گهر ۾ داخل ٿيا هئا