ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گذريل رات گُم ٿيل ڀيڻ ڀاءُ ڊرامائي انداز ۾ گهر پهچي ويا، ٻارن جي لاپتا ٿيڻ جو معاملو ڳجهارت بڻجي ويو
رينجرز ترجمان چيو آهي ته ٻارن کي 10 لک روپيا ڀُنگ لاءِ اغوا ڪيو ويو هو، پرڏيهه ۾ ترسيل سندن ماءُ کي ڀُنگ جي ڪال به ڪئي وئي، جديد ٽيڪنالوجي سان ٻارن جو پتو لڳايو، اغوا ڪندڙ گرفتاري کان بچڻ لاءِ ٻنهي ٻارن کي ڇڏي فرار ٿي ويا
ٻئي طرف ٻارن جو چوڻ آهي ته ناني ۽ ماسي جي رويي مان تنگ ٿي گهران نڪتا هئا، هُنن مرضيءَ سان هڪ انڪل ۽ آنٽي وٽ رات گذاري، جيڪي کين ڇڏي ويا
هوڏانهن ٻارن جي والده شمائلا ناز سندن بيان کي رد ڪندي چيو ته پوليس زوري ٻارن کان بيان ڏيارڻ گهري ٿي، ٻارن کان بيان ڏيارڻ جو مقصد غلط فهمي پيدا ڪرڻ آهي، منهنجي ٻارن کي اغوا ڪري ڀُنگ گهريو ويو هو