ڪراچي ۾ ڳجهي سرنگ ذريعي ڪروڙين رپين جي ڊيزل چوري پڪڙي وئي، مل مالڪ گرفتار

جنوري 24, 2024

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ پارڪو جي نان ڊيوٽِي پيڊ زير زمين لائن مان سرنگ ٺاهي ڊيزل چوري، ڪسٽمز انٽيليجنس ڪارروائي دوران آئل مل مالڪ کي پڪڙي ورتو

 ڊائريڪٽر ڪسٽمز انٽيليجنس موجب وائٽ آئل پائپ لائن ذريعي نان ڊيوٽي ڊيزل چوري ڪري مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪئي پئي وئي

اختيارين موجب پورٽ قاسم ڀرسان آئل مل تي ڇاپو هڻي 147 فٽ  ڊگهي سرنگ پڪڙي وئي، جنهن ذريعي ڊيزل چوري ڪئي پئي وئي

 ڳجهي ڪارروائي دوران 20 ملين رپين جي 65 هزار لٽر ڊيزل هٿ ڪري مل مالڪ کي گرفتار ڪيو ويو، جاچ ڪري معلوم ڪريون پيا ته ڊيزل چوري ڪڏهن کان جاري هئي

Leave A Comment