ڪراچي ۾ 12ضلعا ۽ 4 ميئر هجڻ کپن: جميل سومرو 

ڪراچي: پيپلز پارٽي جي ميمبر جميل سومرو ڪراچي ۾ 12ضلعا ٺاهڻ ۽ 4 ميئر مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي! پ پ ميمبر جميل سومرو بحث دوران چيو ته ڪراچي کي هڪ ميئر هلائي نٿو سگھي، وزيراعليٰ صاحب کي چوان ٿو ته ڪراچي ۾ 4 ميئر مقرر ڪيا وڃن، ڪراچي جي موجوده 7 ضلعن کي ٽوڙي 12 ضلعا ٺاهيا وڃن.