ڪراچي ۾ 13 اپريل کان پوليو مهم شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي ۾ 13 اپريل کان پوليو مهم شروع ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 13 اپريل کان 7 ڏينهن واري پوليو مهم شروع ڪرڻ جو اعلان، ان حوالي سان ڪمشنر حسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته13کان 19 اپريل تائين پوليو مهم شروع ڪئي ويندي. اختيارين جو چوڻ هو ته 5 سالن کان گھٽ عمر وارن 25 لک ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا، انهي مهم ۾ 23 هزار پوليو ورڪر ۽ 7 هزار سيڪيورٽي اهلڪار حصو وٺندا ڪمشنر حسن نقوي چيو ته پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ هاءِ رسڪ قرار ڏنل 66 يونين ڪاميٽين ۾ صفائي جو نظام بهتر بڻايو وڃي