ڪراچي: 28 سال اڳ چورايل ڪار مالڪ کي 10 هزار جو اي چالان

ڪراچي: 28 سال اڳ چورايل ڪار مالڪ کي 10 هزار جو اي چالان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ 28 سال اڳ چوري ٿيل ڪار  مالڪ کي 10 هزارن جو اي چالان ملي ويو، 22 مئي 1997 تي شاهراهه فيصل تي واقع پارڪنگ مان ڪار چوري ٿي هئي، هوٽل ملازم زاهد صدر ٿاڻي تي ڪيس  داخل ڪرايو هو. گذريل هفتي ڪار جي مالڪ کي سيٽ بيلٽ نه ٻڌڻ تان 10 هزار جو چالان مليو، جاچ دوران پتو پيو ته 28سال اڳ چوري ٿيل ڪار جي نمبر پليٽ ٻي ڪار کي لڳل هئي ، جيڪا ڪوئيٽا ۾ رجسٽرڊ آهي، الٽو ڪار بلوچستان مان ڪراچي ۾ داخل داخل ٿي، ڊرائيور کي سيٽ بيلٽ ٻڌل نه هو، چالان وري ڪراچي مان 28 سال اڳ چوري ٿيل مهراڻ ڪار جي ايڊريس تي اچي ويو