ڪراچي: 305 امام بارگاهون حساس: 15287 اهلڪار مقرر

جُولاءِ 19, 2023

  ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي پوليس محرم الحرام  لاءِ سيڪيورٽي پلان تيار ڪري ورتو. پوليس ترجمان موجب محرم الحرام دوران سڪيورٽي لاءِ ڪراچي پوليس جا 15287  آفيسر ۽ اهلڪار مقرر هوندا

 اوڀر زون ۾ 7050، ، اولهه زون ۾ 5940 ۽ ڏکڻ زون ۾ 2297 اهلڪار ڊيوٽي سرانجام ڏيندا، شهر ۾ 305 امام بارگاهن کي حساس، 62 کي انتهائي حساس ۽ 30 کي نارمل قرار ڏنو ويو آهي. شهر جي حساس هنڌن تي 1267 آفيسر ۽ جوان خاص ڊيوٽي سرانجام ڏيندا

 مرڪزي جلوس جي آسپاس ۽ گذرگاهن تي اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ جي ماهر اسنائپرز کي مقرر ڪيو ويندو.هوڏانهن سنڌ پوليس محرم دوران سوشل ميڊيا تي ڏڦيڙ پکيڙيندڙن خلاف ڪارروائي جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو

 ترجمان موجب محرم الحرام دوران سوشل ميڊيا تي منفي يا غلط وڊيوز اپلوڊ ڪرڻ سان فرقيواراڻو انتشار پيدا ٿيڻ جو خدشو هوندو آهي، شهري منفي وڊيوز سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪرڻ کان پرهيز ڪن،  ٻي صورت ۾ سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي

Leave A Comment