| ڪراچي: 42 بلڊرن کي ڀتي جون پرچيون ملڻ جي دعويٰ: آباد پاران 15 جنوري جو الٽيميٽم |
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ ڀتا خوري سبب بلڊر پريشان، 42 بلڊرن کي ڀتي جون پرچيون مليون، ڪيترائي بلڊر خاموشي سان ڀتو ڏيڻ تي مجبور، آباد 15 جنوري تائين الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ آباد جي سدرن ريجن جي چيئرمين اويس احمد ٿانوي چيو آهي ته ڀتا خوري سبب بلڊر پريشان آهن، ڀتا خور ڏينهن ڏٺي جون پرچيون ڏئي وڃن ٿا، پرڏيهي نمبرن تان ڀتي لاءِ ميسيج ۽ ڌمڪين واريون ڪالون ڪيون وڃن ٿيون. هن چيو ته 42 بلڊرن شڪايت ڪئي آهي ته کين پرچيون ۽ ڌمڪيون مليون، ڪجهه بلڊر هر مهيني خاموشي سان ڀتو ڏيڻ تي مجبور آهن. هن چيو ته پوليس تڪڙي ڪارروائي ڪري ها ته معاملو ايترو نه وڌي ها. هن چيو ته اسان پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن بعد حڪومت سان به ڳالهيون ٿيون، وڏي وزير يقين ڏياريو ته جوابدارن کي پڪڙيو ويندو، آءِ جي سنڌ به ڪاميٽي ٺاهي آهي. اميد آهي ته پوليس ڀتا خوري جو خاتمو آڻيندي. هن چيو ته بلڊر ايف آئي آرون داخل نٿا ڪرائين ڇاڪاڻ ته اهي خوفزده آهن،هن چيو ته جيڪڏهن 15 جنوري تائين مسئلو حل نه ٿيو ته ڪاروبار بند ڪري ڇڏيندا سين.
| پوليس پاران ڀتي جا 171 مان 96 ڪيس بوگس قرار |
ڪراچي: پوليس رپورٽ موجب هلندڙ سال ڀتا خوري جا 171 ڪيس داخل ٿيا، جن مان 75 ڪيس ڀتي جا هئا، باقي 96 ڪيس ڏيتي ليتي، پلاٽن جي تڪرار، ذاتي رنجش ۽ ٻين معاملن جي بنياد تي داخل ڪرايا ويا، ڀتا خوري جا 75 مان 71 ڪيس ٽريس ڪيا ويا آهن، 128 جوابدار ملوث هئا، هن وقت تائين 6 ڀتا خور مقابلن ۾ مارجي ويا، 14 زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا، 91 جوابدار گرفتار ڪيا ويا.
آباد جي رڳو 8 ميمبرن کي ڀتي لاءِ فون ڪال ڪري ڌمڪيون ڏنيون ويون: پوليس
ڪراچي: پوليس اختيارين موجب آباد جي 8 ميمبرن کي ڀتي لاءِ فون ڪال ڪري ڌمڪيون ڏنيون ويون، ملير، ناظم آباد، بهادرآباد، سولجر بازار، گلشن اقبال، گارڊن ۾ بلڊرز کي فون ڪال ڪري ڀتو گهريو ويو، ڪجهه جوابدار گرفتار ڪيا آهن، جن جاچ جاري آهي. پوليس اختيارين موجب بلڊرز کي ڀتي لاءِ فون ڪالز ٻاهرين ملڪن جي نمبرز تان ڪيون ويون، ڀتا خوري جو نيٽ ورڪ هلائيندڙ ٻاهرين ملڪن ۾ ترسيل آهن، پوليس جو خاص يونٽ ڀتي جي حوالي سان ڪم ڪري رهيو آهي، لاڳاپيل ادارن کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
جماعت اسلامي پاران بدامني ۽ ڀتاخوري خلاف اڄ ڌرڻي جو اعلان
ڪراچي: جماعت اسلامي ڪراچي پاران شهر ۾ بدامني، ڀتاخوري، اي چالان، ترقياتي ڪم نه ٿيڻ خلاف اڄ پريس ڪلب آڏو ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي
| ڪراچي ۾ ڀتاخورن جو راڄ آهي، 28هين ترميم ۾ نون صوبن جو فيصلو ٿيڻ کپي: متحده |
ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) ايم ڪيو ايم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار ايس آءِ ايف سي کي ڪم ڪرڻ ڏيڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جا واپاري ۽ بلڊرز پاڪستان جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، ڪراچي ملڪ کي 60 سيڪڙو آمدني ڏئي ٿو پر هتان جو عام شهري بنيادي سهولتن کان محروم آهن، هتي پاڻي جي کوٽ ۽ ٽٽل رستا وڏو مسئلو بڻيل آهن، ايم ڪيو ايم مرڪز تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پاڻي ٽينڪر مافيا ذريعي وڪرو ٿي رهيو آهي، شهر ۾ ڀتا خوري ٻيهر وڌي وئي آهي، واپارين کي پرڏيهه مان ڀتي جون ڪالون ۽ پرچيون ملي رهيون آهن، کانئن ڪروڙين رپين جو مطالبو ڪيو پيو وڃي، هن وقت تائين 10 بلڊرز شڪايتون داخل ڪرايون آهن، جڏهن ته 40 کان وڌيڪ بلڊرز متاثر آهن، هن چيو ته ڪراچي جو امن امان تباهه ٿي چڪو آهي هاڻي بلڊرز جي آفيسن تي به فائرنگ شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته اولڊ سٽي ايريا، صدر ۽ طارق روڊ جهڙن ڪاروباري مرڪزن ۾ ڀتا خوري عام آهي، هن چيو ته 18هين ترميم کانپوءِ امن امان صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، 17سالن کان حڪومت ڪندڙن کي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ گهرجي، کين حساب ڏيڻو پوندو، هن چيو ته ڀتا خور دنيا ۾ ڪٿي به لڪل هجن، انهن خلاف ريڊ وارنٽ جاري ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي، هن چيو ته هن وقت ٽيڪس شرح 45 سيڪڙو کان وڌي 52 سيڪڙو تي پهتي آهي، ايف بي آر ٽيڪس معاملن تي ڇاپا هڻي رهيو آهي،اهڙين حالتن ۾ سيڙپڪاري ڪيئن ٿيندي؟ هن چيو ته جيڪڏهن ٽيڪسن جي ڀرمار ختم نه ٿي ته ايس آءِ ايف سي به پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب ٿي نه سگهندي، هن چيو ته سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ ڪرپشن جي ليول سڀني جي سامهون آهي، حالتون اهڙيون ٿي ويون آهن جو ڪاروبار ۽ سيڙپ ملڪ کان ٻاهر منتقل ٿي رهيا آهن، ھن چيو ته اسان آرٽيڪل 140-اي تحت انتظامي يونٽس جو مطالبو ڪيو آهي، جيڪڏهن 8 ڪروڙ آبادي وارو صوبو سنڀالي نٿو سگهجي ته انهي جو اعتراف ٿيڻ گهرجي، پنجاب ۾ ترقياتي ڪم هُنر ۽ تعليم ڏني پئي وڃي، جڏهن ته سنڌ ۾حالتون ايتريون خراب ٿي چڪيون آهن جو ماڻهن جي پيرن هيٺان زمين نڪري وئي آهي، هن چيو ته 28 ترميم ۾ آرٽيڪل 140-اي بابت اسان جي ترميم منظور ٿي وئي ته پنجن سالن ۾ ترقي جو سفر طئه ڪيو ويندو.