ڪراچي: 6 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق

ڪراچي: 6 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پوليو بابت نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر پاران ڪراچي جي 6 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ڪئي وئي آهي. نيشنل اي او سي موجب  ته ڪراچي جي سينٽرل، ايسٽ، ڪيماڙي، ملير، سائوٿ ۽ ويسٽ ضلعن مان ورتل ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي آهي.جون جي مهيني دوران ڪراچي جي 6 ضلعن ۾ پوليو وائرس جي نشاندهي نه ٿي هئي، جڏهن ته جولاءِ ۾ ضلعي ڪشمور مان ورتل هڪ ماحولياتي نموني ۾ وائرس جي تصديق ڪئي وئي. نيشنل اي او سي  موجب ته بلوچستان جي علائقن چمن، ڊيرا بگٽي ۽ ڪوئيٽا مان ورتل ماحولياتي نمونن ۾ پڻ پوليو وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي آهي. ان کان علاوه، خيبر پختونخواهه جي علائقن بنون ۽ پشاور مان ورتل ماحولياتي نمونن ۾ به پوليو وائرس مليو آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته جولاءِ ۾ پنجاب جي شهر راولپنڊي مان ورتل هڪ ماحولياتي نموني ۾ پوليو وائرس جي موجودگي سامهون آئي هئي.