ڪراڙي عورت روبوٽ کي ڏسي ڊڄي وئي، ساهه مٺ ۾

ڪراڙي عورت روبوٽ کي ڏسي ڊڄي وئي، ساهه مٺ ۾

بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) چين ۾ هڪ انساني شڪل واري روبوٽ کي 70 سالن جي عورت کي ڊيڄارڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ روبوٽ عورت جي اوچتو پويان بهي ٿو جنهن کي پنهنجي پويان بيٺل ڏسي عورت ڊڄي وڃي ٿي. روبوٽ بار بار پنهنجا هٿ مٿي ڪري ٿو جنهن تي عورت وڌيڪ ڊڄندي رڙيون ڪري ٿي ۽ پنهنجو ٿيلهو جهلي بيهي ٿي. عورت روبوٽ سان ڳالهيون به ڪيون ۽ کيس چيو ته تو منهنجي دل جي ڌڙڪن تيز ڪري ڇڏي، تون هي بيوقوفي ڇو ڪري رهيو آهين؟ ڇا تون پاگل آهين؟ واقعي کان پوءِ ٻه پوليس آفيسر روبوٽ کي کڻي ويا، جن مان هڪ هن کي ڪلهي کان پڪڙي ٻاهر ڪڍيو. عورت پنهنجو فون چيڪ ڪرڻ لاءِ بيٺي ته روبوٽ سندس پويان روڊ خالي ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. جڏهن عورت اوچتو روبوٽ کي پنهنجي پويان بيٺو ڏٺو، ته هوءَ ڊڄي وئي ۽ سوچيو ته روبوٽ سندس پٺيان اچي رهيو آهي. عورت کي بعد ۾ اسپتال پهچايو ويو جتي ڊاڪٽرن تصديق ڪئي ته روبوٽ هراسان ناهي ڪيو ۽ عورت فيصلو ڪيو ته روبوٽ جي آپريٽر خلاف ڪيس داخل نه ڪيو وڃي. روبوٽ جي آپريٽر واقعي جي ڪري عورت کي ٿيندڙ تڪليف لاءِ معافي به ورتي. هن واقعي عوامي هنڌن تي انساني روبوٽس جي وڌندڙ موجودگي ۽ انهن لاءِ واضح حفاظتي هدايتن جي ضرورت بابت نوان خدشا پيدا ڪيا آهن.