اڄ يوم عاشور: سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ ياحسين ياحسين جون صدائون: ماتمي جلوس ۽ عزاداري: ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ جلوس روان دوان

جُولاءِ 28, 2023

ڪراچي(پنهنجي ڊيسڪ) اسلام جي سربلندي لاءِ لازوال قرباني ڏيندڙ امام حسين عليه سلام ۽ سندس ساٿين جي ياد ۾ اڄ يومِ عاشور عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي

 سنڌ سوڌو سموري ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ماتمي جلوس ڪڍي عزادارن پاران سينازني ۽ زنجيرزني ڪري ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي، شام جو شامِ غريبان برپا ڪئي ويندي

 يومِ عاشور جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن، پوليس سان گڏ رينجرز جي پڻ وڏي نفري ماتمي جلوسن سان گڏ هلي رهي آهي، مختلف شهرن ۾ ڳجهن ڪيمرائن ذريعي نگراني پڻ ڪئي پئي وڃي

ڪراچي ۾مرڪزي جلوس نشتر پارڪ مان برآمد ٿي علي رضا امام بارگاهه کان تاج ڪمپليڪس تائين پهچي ويو آهي شهر جي مختلف علائقن مان جلوسن نشتر پارڪ جي مرڪزي جلوس ۾ شرڪت ڪئي

جلوس ۾ سينا زني ۽ نواحا خاني جو سلسلو جاري آهي جڏهن ته ايم اي جناح روڊ تي ھزارن جي تعداد ۾ مؤمن ۽ عزادار شريڪ آهن، جلوس جي گذر گاھن وارن ھنڌن تي وڏي تعداد ۾ سبيلون لڳايون ويون آھن

سنڌ پوليس ۽ رينجرز جا ڪمانڊوز الرٽ آهن، جلوس جي چوڌاري رينجرز جون گاڏيون پڻ موجود آهن، جلوس ۾ وڏي تعداد ۾ معصوم ٻارڙا، عورتون ۽ مرد شامل آھن

ماتمي جلوس ۾ شرڪت لاءِ شهر جي مختلف علائقن مان قافلا نشترپارڪ ۾ جمع ٿي مک جلوس ۾ شامل ٿي ويا آهن، مرڪزي جلوس ايم اي جناح کان ٿيندو  کارادر جي امام بارگاهه حسينيه ايرانيان تي پڄاڻي ڪندو

ماتمي جلوس ۾ شريڪ عزادار ايم اي جناح روڊ تي نماز ظهرين ادا ڪرڻ بعد پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿيندا

حيدرآباد ۾ يوم عاشور جي موقعي تي ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ شهر جي مختلف علائقن مان ذوالجناح، تعزين، علم پاڪ، سيجن، جهولن ۽ دُلدلن جا ماتمي پڙ برآمد ٿيڻ وارو سلسلو جاري آهي

مرڪزي ماتمي جلوس قدم گاهه مولا علي عليه  تان انجمن حيدري جي زير اهتمام ۽ امام بارگاهه گل شاهه رضويه گاڏي کاتو مان انجمن رضويه جي زير اهتمام ماتمي جلوس برآمد ٿي ويا

الهداد چنڊ ڳوٺ مان ڪريم بخش جو پڙ شوڪت علي ميرجت جي زير اهتمام ۽ سائين ڏنو مير جت جو پِڙ زوار محمود ميرجت جي زيرِ اهتمام برآمد ٿيا

درگاهه اشرف علي شاهه پڪي قلعي مان ايليڪاٽ جو پڙ علي گوهر چانڊيو جي زير اهتمام، ٽنڊو مير محمود- ٽنڊو آغامان جهولي پاڪ وارو پڙ انجمن سفينهءِ حسيني جي زير اهتمام برآمد ٿيا

اسٽيشن روڊ تان مرحوم يعقوب ڪاسائيءَ جو پڙ شهنشاهه پٺاڻ ۽ گلفام پٺاڻ جي زير اهتمام برآمد ٿيو، سٽي، قاسم آباد،  لطيف آباد ۽ تعلقي ٻهراڙي ۾ به ننڍا وڏا ڪيترائي جلوس برآمد ٿي ويا، جلوس روايتي انداز ۾ گذر گاهن تان ٿي ساڳئي هنڌ نهر ٿيندا

پوليس پاران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا، مرڪزي جلوس جون گذرگاهون ۽ گهٽيون ڪنڊيدار تارن ۽ قناطون لڳائي سيل ڪيون ويون آهن، نماز مغربين کانپوءِ شام غريبان جون مجلسون برپا ڪيون وينديون.

Leave A Comment