تنگواڻي (ن پ ا) تنگواڻي هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ پرنسپال جي ڪرسي تان پرنسپال رضا محمد باجڪاڻي ۽ انچارج پرنسپال
غلام النبي ڏاهاڻي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران ٻئي ڄڻا هڪٻئي سان هٿين پئجي ويا ۽ سندن ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿي ويا، جهيڙي ۾ استاد ۾ شامل ٿي ويا، جنهن ڪري اسڪول ميدان جنگ بڻجي ويو
جڏهن ته شاگردن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، اسڪول کي تالا لڳائي ڌريون ٿاڻي تي پهتيون، رابطو ڪرڻ تي پرنسپال رضا محمّد باجڪاڻي ٻڌايو ته هو ڪلاس وزٽ ڪرڻ ويو ته استاد غلام النبي ڏاهاڻي ڪرسي تي ويٺو هو
پڇا ڪرڻ تي هٿين پئجي ويو، انچارج پرنسپال غلام النبي ڏاهاڻي جو چوڻ هو ته هو پنهنجو پوسٽنگ آرڊر ڪرائڻ بعد آفيس پهتو ته استاد رضا محمد باجڪاڻي حملو ڪري ڪپڙا ڦاڙيا ۽ مارڪٽ ڪئي