ڪرس هيمس ورٿ “ايوينجرز: ڊومز ڊي” ۾ واپسي: ٽيزر جاري 

ڪرس هيمس ورٿ “ايوينجرز: ڊومز ڊي” ۾ واپسي: ٽيزر جاري 

لاس اينجلس (ڪلچرل ڊيسڪ) ڪرس هيمس ورٿ هڪ ڀيرو ٻيهر مارول اسٽوڊيو جي وڏي فلم ‘ايوينجرز: ڊومز ڊي’ ۾ ٿور اوڊنسن جي ڪردار ۾ اچي رهيو آهي. ڪرس جي اسٽيو راجرز (ڪيپٽن آمريڪا) جي حيثيت ۾ واپسي جي اعلان کانپوءِ جاري ڪيل نئين ٽيزر ۾ ٿور جي واپسي مداحن لاءِ جذباتي لمحو آهي. جيتوڻيڪ هيمس ورٿ جي واپسي جو اعلان هن سال جي شروعات ۾ ڪاسٽ جي ظاهر دوران ڪيو ويو هو، تازو ٽيزر پهريون ڀيرو ٿور کي ڀرپور نموني ڏيکاري ٿو. هن ڀيري ٿور جو روپ به بدلجي ويو آهي، سندس وار ننڍا آهن، جيڪي فلم ‘ٿور: رگناروڪ’ جي ياد ڏياريندڙ آهن. ٽيزر ۾ ٿور هن ڀيري جنگ ۾ ٽپو ڏيندي نظر نه ٿو اچي، پر هو دعا ڪندي نظر اچي ٿو. ڪهاڻي موجب، ٿور هاڻي پيءُ بڻجي چڪو آهي ۽ سندس زندگي جنگ ۽ ذميواري جي وچ ۾ ورهايل آهي. هو هڪ آخري موقعو گهري ٿو ته جيئن هو هڪ دشمن کي شڪست ڏئي پنهنجي ڌيءَ ڏانهن واپس اچي سگهي. ٽيزر سان گڏ فلم ‘ايوينجرز: ڊومز ڊي’ جي رليز جي تاريخ جو به اعلان ڪيو ويو آهي. فلم 18 ڊسمبر 2026 تي رليز ڪئي ويندي.