| ڪرمپور: زمين معاملي تان ڌرين ۾ جھيڙو، عورت سميت 2 ڄڻا قتل، 2 زخمي، ڇڪتاڻ |
ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان اوڳاھي ۽ چولياڻي جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جھيڙي دوران فائرنگ ۾ عورت سميت 2 ڄڻا قتل، 2 زخمي ٿي پيا، ڪرمپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ اڪبر شاھ ۾ اوڳاھي ۽ چولياڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جھيڙو ٿي پيو، ٻنھي ڌرين پاران جديد ھٿيارن سان ھڪٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ھارون اوڳاھي ۽ مسمات سڀل چولياڻي مارجي ويا، جڏهن ته امان الله ۽ عبدالعزيز اوڳاھي زخمي ٿي پيا، مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، واقعي بعد ٻئي ڌريونمورچابند ٿي ويون، جڏهن ته ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، ڪرمپور پوليس موجب ٻنھي ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان جھيڙو ٿيو آھي، اوڳاھي ڌر جو ھڪ نوجوان ھارون اوڳاھي مارجي ويو ۽ چولياڻي ڌر جي ھڪ عورت مارجي وئي آھي، فائرنگ بند ڪرائي جھيڙي تي ڪنٽرول ڪيو آھي،جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.