ڪرمپور: مبينا پوليس آپريشن جي پلاند ۾ حملو: ايس ايچ او بخشاپور جو پٽ ۽ پوٽو قتل

ڪرمپور: مبينا پوليس آپريشن جي پلاند ۾ حملو: ايس ايچ او بخشاپور جو پٽ ۽ پوٽو قتل

ڪنڌڪوٽ/ڪرمپور (رپورٽ: عمران علي کوسو +سيف الله بجاراڻي) ڪرمپور ويجھو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ايس ايچ او بخشاپور سڪندر پنهوار جو پٽ ۽ معصوم پوٽو قتل، جمال واري علائقي ڳوٺ عبدالحق پنهوار ۾ هٿياربندن گوليون هڻي 23 ورهين جي نوجوان گل حسن پنهنوار ۽ 8 ورهين جي نينگر مزمل کي قتل ڪري ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته نوجوان گل حسن پنهور ننڍڙي ڀائيٽي مزمل کي اسڪول ڇڏڻ وڃي رهيو ته ڳوٺ ٻاهران تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن فائرنگ ڪري کين قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس ۽ وارثن پهچي مقتولن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، مارجي ويل نوجوان گل حسن پنهور ايس ايچ او بخشاپور سڪندر پنهور جو پٽ ۽ نينگر مزمل سندس پوٽو هو، ايس ايس پي ڪشمور جو چوڻ هو ته بدنام ڌاڙيل ملگزار عرف ملهو بهلڪاڻي گينگ جي ڏوهارين خلاف پوليس آپريشن هلندڙ آهي، ڏوهارين پوليس آفيسر جي اولاد کي نشاڻو بڻايو آهي، واقعي ۾ ملوث ڏوهارين کي ڪڏهن به بخش نه ڪيو ويندو، پوليس جا حوصلا بلند آهن، پوليس پاران بهلڪاڻي گينگ جا 3 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ به ڪئي وئي آهي.
 

معصوم مزمل ڪي جي پڙهندڙ، اسڪول ۾ سوڳ، ساٿي روئيندا رهيا

ڪنڌڪوٽ: ڏوهارين جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل معصوم نينگر مزمل پنهور غوثپور شھر جي اسڪول ۾ ڪي جي ڪلاس ۾ پڙهندو هو، نينگر جي شهيد ٿي وڃڻ بعد اسڪول ۾ تعليمي سرگرميون معطل ڪيون ويون. سندس دوست شاگرد ڏک ۾ روئيندا رهيا.
 

بزدل ڏوهارين مون سان وڙهڻ بدران معصوم ٻچڙا ماريا: ايس ايچ او

ڪنڌڪوٽ: ايس ايچ او بخشاپور سڪندر پنهور جو چوڻ ھو ته منهنجو پٽ گل حسن معمول موجب منھنجي پوٽي نينگر مزمل پنهور کي اسڪول ڇڏڻ لاءِ ويو ته واقعو پيش آيو، ٻن موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن فائرنگ ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته ضلعي ۾ بدامني چوٽ چڙهيل آهي، امن امان جي بحالي جي لاءِ پوليس ڊيوٽي ڪري ٿي، جنهن ڪري ڏوهارين منهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٽارگيٽ ڪيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته پوليس آفيسر وڙهندي شهيد ٿيندا آهن پر بزدل ڏوهارين مونسان وڙهڻ بدران منهنجي معصوم ٻچڙن کي شهيد ڪيو آهي، اسان جي هي  قرباني رائيگان نه ويندي.
 

پوليس جو مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن، مبينا مقابلي بعد 3 جوابدار گرفتار
 

ڪنڌڪوٽ: ايس ايچ او بخشاپور سڪندر پنهور جي نوجوان پٽ ۽ معصوم پوٽي جي قتل بعد پوليس سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، واقعي بعد ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس ڏوهارين جي ٽريسنگ ڪندي رھي، جڏهن ته پوليس پاران مختلف هنڌن تي ڪارروائيون به ڪيون ويون، ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد لوھي پل وٽ ون فاءِ انچارج خليل لغاري ۽ سندس ٽيم جو جوابدارن سان مبينا مقابلو ٿي پيو، ذريعن موجب گوليون ختم ٿيڻ بعد ٽن جوابدارن پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب گرفتار ڪيل مختلف ڪيسن ۾ گهربل آهن.
 

پوليس خاموش نه ويهندي، اهڙو مثال قائم ڪندس جو ٻيهر ڪو اهڙي بزدلاڻي حرڪت نه ڪندو: ايس ايس پي 
 

ڪنڌڪوٽ: ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ محمد مراد گھانگھرو جو چوڻ ھو ته سڪندر علي پنهور بھادر جوان آھي، ضلعي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ سندس وڏي قرباني آهي، ايس ايس پي جو چوڻ ھو ته ايس ايچ او بخشاپور سڪندر علي جي نوجوان پٽ گل حسن ۽ پوٽي مزمل جي شھادت تي پوليس خاموش نه ويھندي، ڏوهارين کي بخش نه ڪيو ويندو. اھڙو مثال قائم ڪندس جو ٻيهر اهڙي بزدلاڻي حرڪت ڪونه ڪندو.
 

قتل ٿي ويل چاچي ۽ ڀائيٽي جي جنازي نماز ادا، آلين اکين سان تدفين
 

ڪرمپور: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل گل حسن ۽ مزمل پنهور جا مڙھ ڪنڌڪوٽ اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارث ڳوٺ کڻائي ويا، جتي مقتولن جي جنازي نماز ۾ ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو، ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ، رينجرز ۽ پوليس عملدارن سميت سياسي سماجي اڳواڻن ۽ علائقي جي سوين ماڻهن شرڪت ڪئي، جنازي  نماز بعد مقتولن جا مڙھ آلين اکين سان اباڻي قبرستان ۾ مٽيءُ ماءُ حوالي ڪيا ويا.