ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪرمپور ويجهو اغوا ٿيل عبدالرحمان مغيري جي وارثن کان ڌاڙيلن ڀنگ طلب ڪري ورتو، پنهنجي اخبار آڊيو هٿ ڪري ورتي آهي
ڪرمپور ڀرسان ڏيڍ مهينو اڳ ھٿياربندن هٿان عبدالرحمان جعفري اغوا ٿيويو هو، ڌاڙيلن موبائل فون تي ڪال ڪري مغوي جي وارثن کان ڀنگ طلب ڪيو آهي
آڊيو ۾ ٻڌي سگهجي ٿو ته ڌاڙيل چون ٿا ته جلد کان جلد پئسن جو بندوبست ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ تشدد واري وڊيو جاري ڪئي ويندي
ڌاڙيلن اها به ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن پئسن جو بندوبست نه ڪيو ويو ته مغوي جو لاش اوهان کي ڏنو ويندو
مغوي جا وارث اهڙي فون ڪال بعد پريشان ٿي ويا آهن، وارثن چيو ته اسان غريب آهيون، ايس ايس پي ڪشمور جلد اسان جي نوجوان کي آزاد ڪرائي